جامع مسجد ترائي

جامع مسجد، ترائي: ڪلهوڙا دور ۾ تعمير ٿيل هيءُ يادگار مسجد، ڪڙيو گنهور کان 10 ڪلوميٽر ڏکڻ- اوڀر طرف ڳوٺ ترائي، ضلعي بدين ۾ واقع آهي. مقامي ماڻهن جي روايت مطابق هيءَ مسجد ڪلهوڙا دور ۾ هتان جي هڪ مقامي زميندار ٺهرائي هئي. مسجد جي تعمير ۽ رنگ روغن ۾ مقامي ڳوٺاڻن جي به سهائتا شامل هئي. هيءَ مسجد پڪين سرن ۽ پلستر سان ٺهيل آهي. مستطيل ايراضيءَ تي ٺهيل هن مسجد کي ڪـُل ٽي گنبذ آهن. وچ واري گنبذ جي ڀيٽ ۾ ٻنهي پاسي وارا گنبذ ننڍا آهن. مسجد جي مهڙ واري ديوار تي ٽي دروازا ڏنل آهن، جن مان وچيون دروازو ٻين جي نسبت وڏو آهي. ڇت جي اڳين ٻنهي ڪنڊن تي 3 کان 4 فوٽ تائين جا مينار ڊٺل صورت ۾ ڏسجن ٿا. ممڪن آهي ته اهي وڏا مينار هجن، جيڪي وقت گذرڻ سبب اڌ جا اڌ ڊهي ويا آهن. مسجد جي چؤڌاري 6 کان 7 فوٽن جي ديوار جو احاطو ڏنل آهي ۽ پاسيري ديوار تي داخلي لاءِ ڪاٺ جو در به نصب ٿيل آهي. هن مسجد جي سار سنڀال مقامي رهواسي ڪن ٿا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو